299

صادق آباد ويجهو ڌاڙيلن جو گهر تي حملو، زميندار پٽ ۽ پوٽي سميت قتل

ڏھرڪي (رپورٽر) پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو ڌاڙيلن جو حملو، 3گهرڀاتي قتل ٿي ويا آھن،  پنجاب جي علائقي صادق آباد ويجهو  ڌاڙيلن جو گهر تي حملو، زميندار  پُٽ ۽ پوٽَي سميت قتل ٿي ويو آھي، چڪ شهبازپور ۾ ڌاڙيلن زميندار ملڪ  صفدر ڊرگهه جي گهر تي حملو ڪيو،  جديد هٿياربندن سان فائرنگ ڪئي، ڌاڙيلن زميندار ملڪ صدر ڊرگهه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي زميندار  ملڪ صدر ڊرگهه، سندس پٽ فرحان ۽ پوٽو شاهد مارجي ويا، ٽنهي مقتولن جا لاش صادق آباد  اسپتال منتقل ڪيا ويا، علائقي  ۾ خوف حراس پکڙيل آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں