199

مڙس جو زال سان پيار جو اظهار ، نڪاح جي سرٽيفڪيٽ جو ٽيٽو ٺهرائي ڇڏيو

هانگ ڪانگ: ٿائيلينڊ ۾ مڙس پنهنجي زال سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ نڪاح جي سرٽيفڪيٽ جو ٽيٽو ٺاهي ورتو.

ٿائيلينڊ جي هڪ شخص وال، سوشل ميڊيا تي شادي جي سرٽيفڪيٽ سان گڏ هڪ ٽيٽو جي تصوير شيئر ڪئي، جيڪا فوري طور تي وائرل ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب فنڪار کي نڪاح جي سرٽيفڪيٽ جو ٽيٽو ٺاهڻ ۾ 8 ڪلاڪ لڳي ويا. وال جي زال پهرين حيران ٿي وئي ۽ پوءِ هن جي هٿ تي نڪتل سرٽيفڪيٽ ڏسي خوش ٿي.

ٽيٽو آرٽسٽ جو چوڻ آهي ته هن پهريون ڀيرو نڪاح جو سرٽيفڪيٽ ٺهرايو آهي. سوشل ميڊيا صارفين ٽيٽو آرٽسٽ جي پنهنجي زال سان محبت جي تعريف ڪئي ۽ ان کي مثالي قرار ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں