91

ڪراچيءَ ۾ اسڪول ويندڙ ٻارڙي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي، سيڪيورٽي گارڊ گرفتار

ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ اسڪول ويندڙ ٻارڙي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي، پوليس فائرنگ واقعي کان اڻڄاڻ، گورنر سنڌ نوٽيس وٺي ڇڏيو

 سخي حسن چورنگي ڀرسان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 7 سالن جي ٻارڙي مريم اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻارڙيءَ کي مٿي ۾ گولي لڳي هئي

 والدين موجب هو نياڻيءَ کي اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيا هئا، ٻارڙي ڪار ۾ پوئين سيٽ تي ويٺي هئي ته اوچتو گولي کيس مٿي ۾ لڳي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هڪ نجي اسپتال آندو پر نياڻي اکين آڏو دم ڏنو

 ٻارڙيءَ جي پيءُ موجب گاڏيءَ جو شيشو ٽٽڻ جو آواز ٻڌڻ تي ڏٺو ته ڌيءُ جي مٿي ۾ گولي لڳل هئي، گاڏيءَ کان ٻاهر ڏٺو ته ٻه ماڻهو ڀڄندي نظر آيا پر خبر ناهي انڌي گولي ڪٿان کان ۽ ڪنهن فائر ڪئي

 گورنر ڪامران ٽسوري معصوم ٻارڙيءَ  جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي ايڊيشنل آءِ جي  ڪراچي کان  واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

ٻئي پاسي سخت حسن جي ويجهو فائرنگ ۾ اسڪولي ٻارڙي جي مارجي وڃڻ جي واقعي ۾ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس موجب جوابدار کي سخي حسن جي ويجهو گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي سڃاڻپ علي رضا نالي سان ٿي آهي جيڪو نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ آهي

پوليس موجب جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڦرلٽ ٿيندي ڏٺي ته فائرنگ ڪئي، گولي ڏوهارين بدران روڊ پار موجود گاڏي ۾ ٻارڙي کي لڳي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں