136

خانہ بدوش رائيٽرس ڪيفي طرفان سنڌي ادب جي روشن ستاري وليرام ولڀ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

حيدرآباد: وليرام ولڀ جي لاء تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو پروگرام جي ڪاروائي ھلائيندي امر سنڌوچيو تہ خانہ بدوش رائيٽرس جي گھڻي وقت کان خواھش ھئي تہ وليرام ولڀ سان پروگرام ڪيو وڃي پر بدقسمتي سان اھو وقت نہ اچي سگھيو  ۽ ھاڻي سندن تعزيتي ميڙاڪو ڪري رھيا آھيون وليرام ولڀ سنڌي ادب جو روشن ستارو آھي جنھن سنڌي ادب  ۾ بين الاقوامي ادب کي ترجمن ذريعي  روشناس  ڪرايو. سندس ترجمن   نسل کي جي دل ۾ سنڌي ادب پڙھڻ جو اتساھ پيدا ڪيو ھو. سندس پٽ ڊاڪٽر ڪمليشور سندس حوالي سان يادگيريون دھرائيندي چيو ته پاڻ پنھنجي آخري ڏينھن تائين لکڻ پڙھڻ جي ڪم سان وابسته رھيو ۽ پنھنجي سوانح عمري لکائڻ به شروع ڪيائين. سندس چوڻ ھو ته ھن پنھنجي  گھر  ۾ والد جي ڪري اديبن جي اچ وڃ ڏٺي. سندس والد جو سندس تربيت م.وڏو ھٿ رھيو جنھن جي ڪري سڀ ٻار علم دوست ۽ اديب آھن.

تولارام سوٽهڙ چيو ته سائين ولي رام ولڀ اسان جي ٿر سان تعلق رکندڙ قلم قبيلي جو تمام وڏو نالو هو. سندس ٻاروتڻ ٿر ۾ گذريو. هُو مٺيءَ کان چيلهار جا پنڌ، ٻنين تان ڀيرا ۽ شهر جون ڪيتريون حسين يادون آخر تائين ڪچهرين ۾ سليندو رهندو هو. سندس خمير ۾ مٺيءَ جي سِراڻ جي کوهن جو پاڻي هو ۽ ان جو ميٺاڄ آخر تائين سندس طبيعت ۾ پيو بَکندو هو. هو ادب جي ڪلاسيڪي روايتن ۽ جديد لاڙن سان گڏ تحقيق، ترجمي، ترتيب ۽ ايڊيٽنگ جي سمورن مرحلن تي عبور رکندو هو.  هو دنيا جي جديد فِڪشن سان سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪري ويو آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو چيو ته وليرام جو ساڻس رشتو گھر ڀاتي جيان رھيو، پاڻ ادبي توڙي گھريلو معاملن ۾ ساڻس مشهور به ڪندو ھو ھن ولريام جي تخليقي توڙي ترجمي نگاري جي ڪم جي حوالي سان چيو ته سنڌي ادب تي مرزا قليچ بيگ کان پوء سندس وڏا ٿورا آھن جو سندس ترجما پڙھندڙ کي ادبي تحرڪ ڏيئي ادب لاء اتساھيندڙ رھيا.

نياز پنھور جو چوڻ ھو ته اديبن کي وفات کان پوء ياد ڪرڻ کان بھتر آھي تہ کيڻ زندگي م ياد ڪيو وڃي ھن ڪاوش اخبار م سندس ڪيترائي انٽرويو ڇپيا جنھن م وليرام ولڀ پنھنجي ادبي زندگي توڙي سنڌالاجي ۽ ٻين ھنڌن تي ڪم ڪرڻ دوران تڪليفن جو ذڪر پڻ ڪيو سندس اھو ڏک رھيو ته سندس ڪتاب ٻين نالن سان ڇپايا ويا جن وري آھي ڪتاب پنھنجي نالي سان کين تحفي ۾ ڏنا.

نصير مرزا جو چوڻ ھو ته سندس شمس چيمبر واري آفيس نوجوان اديبن جي لاء ڪشش رکندڙ ھئي سندس چوڻ ھو ته کيس طارق کي وليرام ولڀ فلمون ڏسڻ جي عادت وڌي. ھن سندس گھر م قائم اسڪول جي حوالي سان پڻ چيو ته اھو سندس علم سان چاهه جو ھڪ نمونو آھي ھن اھا خواھش ڏيکاري ته اتي وليرام ولڀ  جي سماڌي ٺاھي وڃي .

پروگرام ۾ ناميارن اديبن ۽ علم سان چاهه رکندڙ شرڪت ڪئي جنھن م اڪبر سومرو، ڊاڪٽر چندي رام، رخسانہ پريت، ڊاڪٽر عرفانہ ملاح، حسين مسرت ، ڊاڪٽر بختاور، غلام نبي سومرو، امداد چانڊيو، پروفيسرگلشير ڪوريجو، ڊاڪٽر  عبدالمجيد چانڊيو، نورالنساء سومرو، عرشيہ لطيف، غظمي ميمڻ، عبدالله سيٺار، ڊاڪٽر حميد سومرو،انجينئر سانگارام، ارڏو اترادي،وزير ميمڻ داڪٽر وقار سيٺار شاڪر عزيز سيتائي، ڊاڪٽر ويلارام سوٽھڙ، نجمه پنھور، روزينہ جوڻيجو، يوسف رستماڻي، پروفيسر سعيد منگي ۽ ٻيا شامل ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں