200

ڌاٻيجي:سي آءِ اي ٺٽو ۽ گهارو پوليس جي گڏيل ڪارروائي، معصوم نياڻي نبيلا جوکيو کي اغوا ڪندڙ ڏوهاري مارجي ويو

ڌاٻيجي: (خميس: 04 اپريل 2024ع)  گھارو ڀرسان سي آءِ اي ٺٽو ۽ گھارو پوليس جي گڏيل ڪارروائي، معصوم نياڻي نبيلا جوکيو کي اغوا ڪندڙ روپوش ڏوھاري رفيق خاصخيلي پوليس ۽ سندس ساٿين وچ ۾ فائرنگ دوران مارجي ويو.

مارجي ويل رفيق خاصخيلي جو لاش رورل هيلٿ سينٽر گھارو آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ فوتي جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.

ياد رھي ڪجھ ڏينھن اڳ گھارو مان معصوم نينگري نبيلا جوکيو کي اغوا ڪيو ويو ھو جنھن کان پوءِ نينگري کي اغوا ڪندڙ جوابدار جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ وائرل ٿيا ھئا

ٻئي پاسي پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته شاھين فارم ٻاٻڙا روڊ ڀرسان معصوم نينگري جي اغوا  ۾ ملوث رفيق خاصخيلي ۽ سندس ساٿين سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو. جنهن ۾ ڏوھاري معصوم نينگري جي اغوا ۾ ملوث رفيق خاصخيلي مارجي ويو. پوليس موجب رفيق خاصخيلي پنھنجي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں