71

ايپل گهرو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ روبوٽَ تيار ڪرڻ جو پهه ڪري ورتو

ايپل کي آءِ فون، آءِ پيڊ ۽ ميڪ ڪمپيوٽر جي تياري لاءِ ڄاتو ويندو آهي پر تمام جلد هيءَ ڪمپني گهرن ۾ ڪم ڪندڙ روبوٽَ به تيار ڪرڻ جو پهه ڪري ورتو آهي.
بلوم برگ جي هڪ رپورٽ موجب، اليڪٽرڪ گاڏي تيار ڪرڻ وارو پروجيڪٽ ختم ڪرڻ کانپوءِ ايپل طرفان روبوٽس جي تياري بابت ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل جي ماهرن هڪ اهڙي روبوٽ جي تياري تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو گهر جي اندر واهپيدارن جو هٿ ونڊائي سگهي.
اهڙي ريت ايپل طرفان هڪ اهڙي ٽيبل ٽاپ ڊيوائس تي به ڪم جاري آهي جيڪا ڪنهن ڊسپلي اسڪرين کي ايڊجسٽ ڪندي.
ياد رهي ته ايپل طرفان اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اليڪٽرڪ گاڏي جي تياري تي ڪم هلندڙ هو پر فيبروري 2024ع ۾ ڪمپني طرفان منصوبو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
ويجهڙائي وارن سالن دوران ڪمپني پروڊڪٽس ۽ سروسز جهڙوڪ ايپل واچ ۽ ويجن پرو ورچوئل رئيلٽي هيڊ سيٽ تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل جي انجينيئرنگ ڊويزن ۽ اي آءِ ڊويزن طرفان روبوٽس جي تياري تي ڪم جاري آهي.
هي پروجيڪٽ اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي،جڏهن ته ٻين ٽيڪنالوجي ڪمپنين به روبوٽس جي تياري تي ڪم هلندڙ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں