53

ماتلي: گم ٿي ويل شهري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن جو مين حيدرآباد باء پاس روڊ بلاڪ ڪري احتجاج

ماتلي:ماتلي مان شهري جي پراسرار نمونمي گم ٿي وڃڻ خلاف سندس وارثن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو آهي.

ماتلي جي پاٽولي پاڙي جو رهواسي 45 ورهين جو آفتاب  احمد کتري ٻهڏينهن  پهرين پراسرار نموني سان گم ٿي ويو هو جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن مين روڊ حيدرآباد باء پاس وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته الطاف کتري، عقيل کتري، حاجي صابر کتري، نديم کتري ۽ ٻين چيو ته آفتاب احمد کتري کي گم ٿينديٻهڏينهن گذري ويا آهن پر انتظاميه هن وقت تائين ڪکڀڃ يٻيڻو ناهي ڪيو اسان کي شڪ آهي ته آفتاب کتري کي اغوا ڪيو ويو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ٻهڏينهن گذري ويا آهن اسان تمام گهڻو پريشان آهيون.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبوڪيو ته  فوري طور آفتاب احمد  کتري کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں