108

پنجاب ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، 22 مئي کان اسڪول جي موڪلن جو فيصلو

لاهور: پنجاب ۾ سخت گرمي جي لهر سبب اسڪول جون موڪلون مقرر وقت کان اڳ 22 مئي کان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ  موجب تعليم کاتي جي صوبائي وزير هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن ۾ موڪلون وقت کان اڳ ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شاگردن جي والدين کان موڪلن بابت راءِ گهري هئي جنهن تي تقربين 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو.

سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندڙن مان 96 سيڪڙو ماڻهن فوري طور تي اسڪولن ۾ موڪلون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات چيو ته والدين جي راءِ ۽ موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي 22 مئي کان موڪلن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته شاگردن کي موسم جي شدت جي اثرن کان بچائڻ اولين ترجيح آهي. امتحانن وارن نجي اسڪولن کي کولي رکڻ جي مشروط اجازت هوندي جڏهن ته موڪلن جي حوالي سان نئون نوٽيفڪيشن اڄ يا سڀاڻي تائين جاري ڪيو ويندو. جن نجي اسڪولن ۾ امتحان ٿي رهيا آهن انهن جي سواءِ سمورن اسڪولن ۾ 22 مئي کان موڪلون ڏنيون پيون وڃن.

هوڏانهن تعليم کاتي طرفان پنجاب ۾ تيز گرمي جي لهر سبب 25 کان 31 مئي تائين اسڪول بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته گرمي جون موڪلون پهرين جون کان 14 آگسٽ تائين هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں