56

ايپل جي سڀ کان سنهڙي آءِ فون ماڊل جا تفصيل سامهون اچي ويا

واشنگٽن: ايپل 2017ع ۾ آءِ فون ايڪس (10) او ايل اِي ڊي ڊسپلي ۽ فيس آءِ ڊي سان گڏ متعارف ڪرايو هو، پر ان کانپوءِ آءِ فونز جي ڊيزائن ۾ ڪا خاص يا ذڪر جوڳي ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي.

پر هاڻي ڪمپني طرفان آءِ فون جي ڊيزائن ۾ نمايان تبديلي ڪئي پئي وڃي ۽ نئين ڊيزائن آءِ فون 17 سلم نالي ماڊل جو حصو هوندي.

هي نئون فون ايپل جو هنيئر تائين سڀ کان سنهو آءِ فون هوندو.

هڪ رپورٽ موجب، 2025ع ۾ ايپل طرفان آءِ فون سيريز کي ريفريش ڪيو ويندو ۽ پلس ماڊل کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي آءِ فون 17 سلم پيش ڪيو ويندو.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ فون سلم جي قيمت آءِ فون پرو ميڪس کان به وڌيڪ هوندي.

هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ فون سلم ۾ ڊائنامِڪ آءِ لينڊ ڊيزائن جي سائز ننڍي هوندي.

هي سلم ماڊل 6.6 جي ڊسپلي سان ليس هوندو، دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته اڃا آءِ فون 16 سيريز کي متعارف ناهي ڪرايو ويو پر 2025 جي ماڊلز بابت ليڪس سامهون اچڻ شروع ويون آهن.

ايپل طرفان آءِ فون 16 سيريز هلندڙ سال سپٽيمبر ۾ متعارف ڪرائي ويندي ۽ ان لاءِ مختلف ڊيزائنز تي غور ويچار جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں