59

گهوٽڪي: ميرپورماٿيلو ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جو صحافي نصرالله گڏاڻي تي حملو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

گهوٽڪي: ميرپورماٿيلو ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، زخمي صحافي کي ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو، صحافي جي حالت خراب هئڻ سبب کيس رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان نامعلوم ھٿياربندن جو چانڍيا پمپ 2 تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس 3 گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ميرپورماٿيلو پوليس وقت تي پھچي صحافي کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو آندو جتي صحافي جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو.

سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ صحافي توڙي شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا.ٻئي پاسي گهوٽڪي ضلعي جي صحافين طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. جڏهن ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں