99

مائيڪرو سافٽ اي آءِ ڪاپي پيسٽ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

آرٽيفيشل انٽليجنس اي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن اي آءِ جو استعمال به جاري آهي.
پر ڪيترائي ڀيرا هن ٽيڪنالاجي جو استعمال انهن شعبن ۾ به ڪيو ويندو آهي، جن جي باري ۾ ڄاڻي ڪري يقين ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.
جيئن روزانو ڪمپوٽرز تي استعمال ٿيڻ واري هڪ فيچر ڪاپي پيسٽ کي مائيڪرو سافٽ اي آءِ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري ڇڏيو آهي.
مائيڪرو سافت پاور ٽوائز ۾ اي آءِ تي مبني ڪاپي پيسٽ فيچر جي واڌ ڪئي وئي آهي.
هڪ ايونٽ دوران مائيڪرو سافٽ طرفان ڪيترائي اعلان ڪيا ويا هئا، پر اهو نئون فيچر ونڊوز 11 جي اسٽينڊرڊ ورجن ۾ دستياب نه هوندو.
هن فيچر کي استعمال ڪرڻ سان سمرائز ٽيڪسٽ، ٽرانسليٽ ٽيڪسٽ، جنريٽ ڪوڊ، ٽرانسفارمر ٽيڪسٽ ۽ اسٽلائز ٽيڪسٽ جهڙ آپشن اوهان کي سامهون نظر ايندا آهن.
جيڪڏهن اوهان جو اوپن اي آءِ اڪائونٽ ناهي ته به ايڊوانسڊ پيسٽ ۾ اوهان جي سامهو 3 آپشنز موجود هوندا.
پيسٽ اينڊ پلين ٽيڪسٽ، پيسٽ ايز مارڪ ڊائون ۽ پيسٽ ايز جي ايس او اين نالي هن آپشنز ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي دستياب ناهي هوندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں