95

ٽي وي، فلم ۽ ٿيٽر جو سينئر اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ٽي وي، فلمن ۽ ٿيٽر جو ليجنڊري سينئر اداڪار طلعت حسين ڊگهي بيماري کان پوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

طلعت حسين جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر سندس ڌيءَ تزين حسين پنهنجي آفيشل انسٽاگرام بينڊل جي پوسٽ ذريعي ڏني.

تزين حسين پنهنجي انسٽاگرام بينڊل تي والد طلعت حسين جي تصوير پوسٽ ڪندي چيو ته مان گهري ڏک سان اهو اعلان ڪري رهي آهيان ته منهنجو پيارو والد طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هن مداحن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي والد طلعت حسين جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪريو. تزين حسين وڌيڪ چيو ته طلعت حسين جي جنازي جا تفصيل بعد ۾ شيئر ڪيا ويند.ا

طلعت حسين جي لاڏاڻي تي پاڪستاني شوبز انڊسٽري کي صدمو پهتو آهي  فنڪارن ۽ مداحن طرفان سينئر اداڪار جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو  اظهار ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته ريڊيو، ٽيليويزن ۽ سئنيما ۾ پنهنجو هڪ اعليٰ مقام ٺاهيندڙ ليجنڊري اداڪار طلعت حسين ڊگهي وقت کان بيمار هو ۽ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

طلعت حسين ڀارت جي شهر دهلي ۾ 1940ع ۾ پيدا ٿيو هو هن پروفيسر رخشنده حسين سان شادي ڪئي هئي.  کيس ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي.پاڪستان جي حڪومت طرفان 1982ع ۾ طلعت حسين کي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۽ سال 2021 ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو هو.

اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ عظيم اداڪار طلعت حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اطهار ڪندي مرحوم جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اطهار ڪيو. عطاءُالله تارڙ پنهنجي بيان ۾ چيو ته طلعت حسين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ڏک پهتو آهي. طلعت حسين هڪ منفرد فنڪار هو جنهن پنهنجي آواز ۽ اداڪاري سان هر ڪردار کي زنده ڪيو.

طلعت حسين 1970ع کان اڳ ننڍي عمر ۾ اداڪاري جي شروعات ڪئي هئي. لنڊن مان تعليم حاصل ڪندڙ طلعت حسين پاڪستان ٽيليويزن(پي ٽي وي) تان اداڪاري جي شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ برطانوي ٽي وي سميت بالي ووڊ فلمن ۾ به ڪم ڪيو.

سينئر اداڪار 2006 ۾ نارويجن فلم امپورٽ ايڪسپورٽ ۾ بهترين مددگار اداڪاري جي لاءِ امانڊ ايوارڊ ۽ فلم مس بينڪاڪ ۾ بهترين مددگار اداڪار جي لاءِ 1986ع ۾ نگارڊ ايوارڊ  سان به نواز ويو. طلعت حسين جي مشهور ٽي وي ڊرامن ۾ هوائين، ڪشڪول، طارق بن زياد ۽ ٻيا شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں