58

ڀارتي ريپر بادشاهه سان ويجهڙائي تي هانيه عامر جو رد عمل اچي ويو

لاهور: اداڪارا هانيه عامر ڀارت جي مشهور ريپر بادشاهه سان ويجهڙائي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

ڪجهه ڏينهن پهريان اداڪارا هانيه عامر پرڏيهي نشرياتي اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏنو، انٽرويو ۾ اداڪارا کان ريپر بادشاهه سان دوستي بابت سوال ڪيو ويو.

جواب ۾ هانيه عامر کلندي چيو ته پهريان ته اهو ذاتي نوعيت جو سوال آهي، جنهن تي ميزبان اسرار ڪندي چيو ته اوهان ٻئي پبلڪ فگرز آهيو، اداڪارا جواب ڏنو ته اهو سڀ انسٽاگرام ذريعي ٿيو.

هانيه عامر ٻڌايو ته اصل ۾ بادشاهه هڪ ريل انسٽاگرام جي مختصر وڊيو تي ڪمينٽ ڪيو، جنهن بعد منهنجي دوستن چيو ته بادشاهه منهنجي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو.

هن جو چوڻ هو ته بادشاهه مونکي ميسيج ڪيا، جنهن بعد اسان جي ٿورڙي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي.

ميزبان چيو ته ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته اوهان ٻنهي ۾ رومانوي لاڳاپا آهن، جنهن تي هانيه جواب ڏنو ته اهڙو ڪجهه ناهي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته منهنجو مسئلو صرف اهو آهي ته مان شادي شدا ناهي.

هانيه وضاحت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مان شادي شدا هجان ها ته شايد ماڻهو منهنجي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪن ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں