33

آڊيو ليڪ ڪيس: علي امين گنڊاپور تي فرد جرم لاءِ 5 جولاءِ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ ڊسيشن ڪورٽ اسلام آباد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف آڊيو ليڪ ڪيس ۾ فرد جرم لاءِ 5 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪاڪڙ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.

عدالت علي امين گنڊاپور ۽ شريڪ جوابدار اسد خان تي فرد جرم جي لاءِ 5 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ عدالت آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں