39

انساني اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار صارم برني جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد: عدالت انساني اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني کي جسماني ريمانڊ تي وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) جي حوالي ڪري ڇڏيو.

صارم برني کي گذريل ڏينهن آمريڪا طرفان انسانن جي اسمگلنگ جي الزام ڪراچي ايئرپورٽ کان گرفتار ڪيو هو. جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل انهن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته صارم برني پنهنجي غلطي به مڃي ورتي آهي.

اڄ ايف آءِ اي اختيارين طرفان صارم برني کي جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي صارم برني جي وڪيل طرفان سماجي اڳواڻ کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

ٻئي طرف ايف آءِ اي اختيارين طرفان صارم برني جي ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن تي عدالت صارم برني جي استدعا رد ڪندي صارم برني کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں