118

ڀارتي اداڪاره سوناڪشي ظهير اقبال سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

ممبئي: بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره سوناڪشي ۽ اداڪار ظهير اقبال شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سوناڪشي  ۽ ظهير اقبال جي شادي جي تقريب ممبئي ۾ اداڪاره جي گهر تي ٿي. تقريب ۾ سوناڪشي جي والد شتروگهن سنها ۽ والده پونم  سنها شرڪت ڪئي.  جڏهن ته سوناڪشي جي ڀائر شادي ۾ شريڪ نه ٿيا.

سوناڪشي ۽ ظهير سرڪاري اهلڪار جي موجودگي  ۾ سول ميرج ڪئي ۽ شادي جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون. شتروگهن سنها به سول ميرج جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ۽ ڌيءَ کي رخصت ڪيو.

سوناڪشي شادي جي موقعي تي آف وائٽ ساڙهي پاتي جڏهن ته ڊائمنڊ ۽ موتين جا هار ڳچي ۾ پاتا.

گهوٽ ظهير اقبال به اڇي رنگ جي شلوار قميص پاتي هئي. شادي جي تقريب کان پوءِ جوڙي طرفان ممبئي جي مقامي ريسٽورينٽ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فلم ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.

تقريب انيل ڪپور، چنڪي پانڊي، ڪاجول ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ اداڪاره ڳاڙهي رنگ جي ساڙهي پاتي هئي.

ياد رهي ته سوناڪشي سنها جي مسلمان دوست  ظهير اقبال سان شادي جي اعلان تي هنگامو ٿي ويو هو ۽ خاندان ۾ اختلاف جون خبرون به سامهون آيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں