37

شهدادڪوٽ: ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ نوجوان ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ:شهدادڪوٽ ڀرسان سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ ڀاءُ پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي.

سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله داد ٽانوري ۾ جوابدار علي شير ٽانوري پنهنجي نوجوان ڀيڻ الله ورائي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو. اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مُک جوابدار علي شير ٽانوري کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته مقتولا نوجوان ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميرو خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميرو خان اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب عورت جو لاش قمبر اسپتال کڻائي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں