106

باڊھه ٽائون ڪميٽي جي آفيس سپريڊينٽ محمد پريل سومرو ٽائون ملازمن سان گڏجي پريس ڪانفرنس

رپورٽ/عامر چانڊيو

باڊھه ٽائون ڪميٽي جي آفيس سپريڊينٽ محمد پريل سومرو ٽائون ملازمن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھ گوسڙو ملازم پگھارن مان ڪٽوتي جي نالي تي احتجاج ڪري بليڪ ميل ڪري رھيا آھن، ٽائون ملازمن جي يونين جو اڳواڻ سڏائيندڙ محمد بخش سومرو باڊھه ٽائون انتظاميا خلاف غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪندي گھٽ وڌ ڳالھايو آھي جنھن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا، باڊھه ٽائون جي ملازمن کي ھر مھيني فل پگھارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي گريجوئٽي ۽ پينشن ڏني وڃي ٿي، شھر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظامپڻ بھتر ڪيا ويا آھن، باقي گھر ويٺي بليڪ ميل ڪري فل پگھارون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن جا مقصد ڪامياب نه ٿيندا، آخر ۾ ٽائون ملازم اتحاد پاران سينيئر آفيس سپريڊينٽ جي ڪردار ڪشي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو ويو، ملازمن امداد علي شمبوزئي، نصير احمد جھتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں