53

سنڌ ۾ برسات جون تباهيون: بدين جي 250 اسڪولن ۾ پاڻي جمع، قبرستان به پاڻي سان ڀرجي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ لاڳيتو برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب ضلعي بدين جي 250 کان وڌيڪ تعليمي ادارن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب بدين جي 250 کان وڌيڪ تعليمي ادارن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول پهچڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي طرف دادو ۾ گاج ندي جي ٻوڏ جي پاڻي سبب تعلقه جوهي جي علائقي ڪاڇي جا مرڪزي روڊ، 3  هنڌن تان بند آهن جڏهن ته ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو زميني رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي سجاول جي سامونڊي تعلقي جاتي جي شاخ ۾ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ، فصل ۽ فش فارم متاثر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ به برساتن کان پوءِ شهر جي سڀني کان وڏي ٽنڊو يوسف قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن جي نتيجي ۾ قبرون زبون حال بڻجي ويون آهن جڏهن ته رهواسين کي تدفين ۾ به پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا ۽ متاثر به کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مان پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، زميني رستا ڪاٽا ٿيڻ سبب دادو ۾ ماڻهن ٻيڙين تي سفر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں