46

گوگل اينڊرائيڊ صارفين لاءِ ڪارائتا فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيا

ڪئليفورينا:جيڪڏهن اوهان اينڊرائيڊ فون استعمال ڪريو ٿا ته سٺي خبر اِها آهي ته گوگل ڪجهه نوان فيچرز متعراف ڪرائي ڇڏيا آهن.

نوان فيچرز رڳو پڪسلز فونز تائين محدود نه رکيا ويندا پر گهڻي قدر صارفين کي دستياب هوندا.

پهريون فيچر ٽاڪ بيڪ آهي، ان فيچر لاءِ گوگل طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل جيمنائي ماڊل استعمال ڪيو ويو آهي.

ان فيچر ذريعي صارفين تصويرن جي تفصيلي آڊيو وضاحت ٻُڌي سگهندا، ڀلي اوهان ڪئمرا رول ۾ تصوير ڏسو، ٽيڪسٽ ميسجز يا سوشل ميڊيا تي ڏسو.

ٻيو فيچر سرڪل ٽو سرچ آهي جنهن ذريعي اوهان پنهنجي فون يا ڀرپاسي هلندڙ گاني جي نشاندهي ڪري سگهندئو.

ٽيون فيچر به انتهائي ڪارائتو آهي ثابت ٿيندو، ان ذريعي اوهان گوگل ڪروم تي ويب پيجز کي آڊيو جي صورت ٻڌي سگهندو، ڀلي ان تي موجود مواد جهڙو به هجي، اِهو فيچر ويب پيجز کي پوڊ ڪاسٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.

چوٿون فيچر اينڊرائيڊ سمارٽ واچز جي آپريٽنگ سسٽم لاءِ آهي، ان فيچر تحت اوهان سمارٽ گهڙين ۾ به آف لائين ميپس کي استعمال ڪري سگهندئو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں