44

ڊمپل گرل هانيا عامر بابت هڪ نجومي دلچسپ اڳڪٿي

لاهور: ڊمپل گرل هانيا عامر بابت هڪ نجومي دلچسپ اڳڪٿي ڪئي آهي.

نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ ٽن نجومين کي دعوت ڏني وئي جنهن دوران ميزبان کانئن ڪيئي اداڪارائن جي مستقبل بابت سوال ڪيا.

اداڪار فواد بابت هڪ نجوميءَ جو چوڻ هو ته کوڙ ماڻهو سمجهي رهيا آهن ته بس سندس ڪيريئر هاڻي ٻڏي ويو پر ائين نه آهي، ايندڙ سال فواد خان لاءِ تمام گهڻي شهرت ۽ ڪاميابين جو سال آهي.

ان کانسواءِ ٽنهي نجومين سينيئر اداڪار عدنان صديقي بابت چيو ته عدنان صديقي جو ايندڙ سال ڪيئي ڪاميابيون آڻيندو، هو ڪاروبار ڪري يا سيڙپڪاري ڪري ترقي ڪندو.

ندا ياسر بابت نجومي چيو ته سندس ايندڙ سال سٺو ثابت ٿيندو ۽ 2025 سندس لاءِ سرپرائز سان ڀرپور هوندو.

همايون سعيد بابت هڪ نجومي ٻڌايو ته همايون کي ماضي، حال ۽ ويجهي مستقبل ۾ به اِها ئي عزت ۽ شهرت حاصل رهندي ڇو ته پئسو ۽ شهرت سندس پيڇو ڪري رهي آهي، ايندڙ سال سندس لاءِ ٿورو مشڪل هوندو پر مڪمل طور تي سڀ ٺيڪ رهندو.

هانيا عامر بابت اڳڪٿي ڪندي نجومي چيو ته هانيا عامر ڏاڍي سٺي، معصوم انسان آهي، کيس بيوقوف بڻائڻ انتهائي سولو آهي، هوءَ تمام جلدي ڳالهين ۾ اچي ويندي آهي، سال 2026 سندس لاءِ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيندو، دعا آهي ته اِهو هاڪاري هجي، هانيا عامر جي زندگي ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں