29

” پيار ڪرڻ وارن جو قدر ڪرڻ گهرجي“

لنڊن : پاڪستان ڊراما انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته هن پنهنجي ڪم ذريعي رشتن جي اهميت ڄاتي آهي.
عائزا خان برطانيا ۾ فلسطينن لاءِ ڪوٺايل هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪم سميت مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي.
اداڪارا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هوءَ اهڙي پروجيڪٽ جي چونڊ ڪندي آهي جنهن ذريعي ناظرين کي ڪو پيغام ڏئي سگهجي، ڏسندڙن کي ڪجهه سبق ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اِهو ضروري ناهي ته هر پيغام ڏسندڙن لاءِ هجي، اوهان هڪ شخص طور به حالتن مان سکندا آهيو.
اداڪارا مثال ڏيندي چيو ته هن مبشريٰ جعفر جي ڪردار ۾ سکيو ته پنهنجي ڪاوڙ تي ظابطو ڪيئن آڻجي، اهڙي طرح مهوش جي ڪردار مان اِهو سکيو ته پيار ڪرڻ وارو جو قدر ڪرڻ گهرجي، انڪري پنهنجي مڙس دانش جو گهڻو خيال ڪندي آهيان، کيس تنگ ناهيان ڪندي، سندس هر ڳالهه مڃيندي آهيان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں