32

ملالا جي ڊاڪيومينٽري بهترين ايشيائي فلم جو ايوارڊ ماڻي ورتو

ٽورنٽو : نوبيل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي جي پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ پهرين دستاويزي فلم ڪئناڊا ۾ جاري ” ٽورنٽو فيسٽيول “ ۾ بهترين ايشيائي فلم جو NETPAC ايوارڊ کٽي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، هدايتڪار سوڪم جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم ” دي لاسٽ آف دي سي وومين “ هلندڙ سال جو NETPAC جيوري ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.
ملالا يوسفزئي جي پروڊڪشن ڪمپني ” ايڪسٽرا ڪريڪيولر “ جي دستاويزي فلم ” دي لاسٽ آف دي سي وومين “۾ ڏکڻ ڪوريا جي مهاڻي عورتن جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي.
هائينو ڪميونٽي کي سال 2016ع ۾ گڏيل قومن جي ماتحت تنظيم يونيسڪو طرفان ثقافتي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو.
صدين پراڻي ڪميونٽي جو وجود هاڻ خطري ۾ آهي ڇو ته ڪميونٽي جون اٽڪل سمورين عورتن جي عمر 60، 70 يا 80 ورهين جي ٿي چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملالا يوسفزئي چيو ته مان عورتن بابت ڪهاڻيون ڳولي رهي هيس جنهن دوران ڪورين هدايتڪار سوڪم جي پروجيڪٽ بابت پتو پيو، پروجيڪٽ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مون سمجهيو ته هي اِها ئي ڪهاڻي آهي جيڪا مان ڳولي رهي هيس.
هن چيو ته جڏهن مان هائينو ڪميونٽي جون ڪهاڻيون ٻڌيون ته مون کي عورتن جي صلاحيتن ۽ امڪانن تمام گهڻو متاثر ڪيو.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار عورتن تي ٻڌل هائينو ڪميونٽي جي عورتن پنهنجي خاندان جي ڪفالت لاءِ سمنڊ مان ننڍيءَ کان ويندي وڏي مڇيءَ جي شڪار ڪنديون هيون، هاڻي انهن عورتن جو انگ گهٽجي چئن هزارن تي پهچي ويو آهي.
ياد رهي ته ملالا 2021 ۾ ايپل ٽي وي سان هڪ معاهدو ڪيو هو جنهن تحت هن پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني جي بئنر هيٺ عورتن ۽ نارين بابت مواد ٺاهڻ جو اشارو ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں