26

ڊپريشن ختم ڪرڻ لاءِ ليمي جو استعمال ڪيئن ڪجي؟

ڪراچي: ليمي جي گھڻا فائدا اسان ٻڌندا آيا آهيون ته اهو اسان جي خوراڪ ۾ استعمال سان گڏوگڏ ڊي ٽاڪس ۾ به اهم ڪم ڪندو آهي وزن کي گھٽائيندو آهي يا سلاد ۾ استعمال آهي يا گرمي جي شدت کان بچائيندو آهي.
ليمو حقيقت ۾ وٽامن سي جو بهترين ذريعو هوندو آهي اهو صحتمند ”فائٽونيوٽرينٽس“ سان ڀرپور هوندو آهي، فائٽونيوٽرينٽس اوهان جي جسم جي اندر فري ريڊيڪلز جي ڳولا ۾ ويندا آهن جيڪي نقصان جو سبب بڻبا آهن.
ان ڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڏينهن جي شروعات ليمي جي رس کي هڪ گلاس هلڪو گرم پاڻي ۾ وجهي پيئڻ سان ڪندئو ته ان سان هاضمي کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي ۽ اهو اوهان جي کَلَ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.
جيڪڏهن اوهان ليمي جي پاڻي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ چاهيو ٿا ته ان کي صبح جو نيراني خالي پيٽ پيئڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن اوهان جي جسم کي زهريلن مادن سان صاف ڪرڻ جي ڳالهه اچي ته اهو سڀ کان وڌيڪ اثرئتو هوندو. ان کانسواءِ اهو وزن گھٽائڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ڊپريشن ۽ اسٽريس جي ڪيفيت ۾ به ليمو اوهان جي مدد ڪندو آهي.
ليمي جي خوشبوءِ ۾ جراثيم مار خاصيتون هونديون آهن جيڪي اوهان جي ذهني حالت کي بهتر ڪري سگھن ٿيون ان جو مطالب اهو آهي ته ليمي جي خوشبوءِ اوهان جي ڊپريشن ۽ مايوس جهڙي ڪيفيت جي حملن جي صورت ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿي ۽ ڪمري ۾ هاڪاري ماحول پيدا ڪري سگھي ٿي.
ان لاءِ اوهان کي ڪجهه ليمن جا مٿيان حاصل ڪاٽڻا پوندا ان کي چئن حصن ۾ ائين ڪاٽيو ته جيئن اهي چارئي حصا مڪمل طور تي ڌار نه ٿين.
ڪاٽيل ليمي کي پنهنجي مٿن کان هڪ پيالي ۾ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ خوشبوءِ کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اهو طريقو اڃا به اثرائتو هجي ته ڪمري جي هرڪنڊ ۾ پيالي ۾ ڪاٽيل ليما رکي سگھو ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں