26

ذهني دٻاءَ سبب جسم تي ڳاڙها داڻا نڪرڻ جو انڪشاف

اڄ جي هن دور ۾ هر ٽيون شخص اهو چوندي نظر ايندو آهي ته هو ”دٻاءَ“جو شڪار آهي، جنهن کي پاڪستاني سماج ۾ ٿَڪَ ۽ روز مرهه جي عام ڪيفيت سان سلهاڙيو ويندو آهي.
پر حقيقت ۾ دٻاءَ (اسٽريس) ڪنهن به سنگين ذهني مسئلي جي شروعات ٿي سگھي ٿو، لاڳيتو اسٽريس مستقبل ۾ ”ڊپريشن“ ۽”انزائٽي“ ۾ ٿينديل ٿي ويندو آهي.
پر لاڳيتو اسٽريس جو هڪ ٻيو نقصان سامهون آيو آهي ته ذهني دٻاءَ جو شڪار ماڻهن جو جسم به شديد متاثر ٿيندو آهي، جنهن کان پوءِ ڄاڻايل شخص جي جسم تي خارش جا ڳاڙها داڻا به نڪري سگھن ٿا.
آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ ۾ ڇپيل رپورٽ موجب صحت جي ماهرن طرفان ڪيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته لاڳيتو اسٽريس جو شڪار ماڻهن ۾ جتي ٻيون طبي پيچيدگيون پيدا ٿي سگھن ٿيون جن ۾ جسم ۾ خارش جا داڻا به پيدا ٿي سگھن ٿا.
رپورٽ موجب لاڳيتو ذهني دٻاءَ ۾ رهڻ سان مدافعتي نظام تي اثرانداز ٿيندڙ ڪجهه هارمونز وڌي ويندا آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو مختلف طبي پيچيدگيون ٿيڻ لڳنديون آهن پر ان سان جسم تي به اثر پوندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عام طور تي ڪارٽيسولنالي هارمون وڌڻ سان جتي مدافعتي نظام متاثر ٿيندو آهي اتي ئي ان سان جسم ۾ سوڄ وڌي سگھي ٿي جيڪا خارش جي ڳاڙهڻ داڻن جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگھي ٿي.
رپورٽ موجب اسٽريس جي ڪري جسم تي نڪرندڙ ڳاڙها داڻا عام خارش کان مختلف ٿي سگھن ٿا پر اهي اوتري ئي تڪليف ڏئي سگھن ٿا. عام طور تي اسٽريس سبب جسم تي نڪرندڙ ڳاڙها داڻا ننڍا، سنهڙا ۽ گول هوندا آهن ۽ اهي جسم جي ڪنهن به صورت ۾ مجمعي جي صورت ۾ نڪرندا آهن.
لاڳيتو ذهني دٻاءَ جو شڪار رهندڙ ماڻهن يج ڳلن، ڳچي، ڪُلهن ۽ چيلهه تي عام طور تي ڳاڙها داڻا نڪرندا آهن، پر ڄاڻا داڻا جسم جي ڪنهن به حصي ۾ نڪري سگھن ٿا.
ماهرن موجب اسٽريس سبب نڪرندڙ خارش جا داڻا ڪيترن ئي هفتن يا مهينن تائين به جاري رهي سگھن ٿا ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ اهي گھڻي تڪليف ڏيندڙ به ٿي سگھن ٿا.
ماهرن جو اهو چوڻ هو ته ذهني دٻاءَ سبب جسم تي نڪرندڙ ڳاڙها داڻا اسٽريس گھٽجڻ تي گھٽجڻ لڳندا آهن، ان ڪري اهڙن ماڻهن کي پرسڪون رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں