88

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه برطانوي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو، لبرل ڊيموڪريٽس پارٽي لاءِ چونڊ مهم شروع

لنڊن: پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته هن برطانيه جي سياسي پارٽي لبرل ڊيمو ڪريٽس جي ذريعي برطانوي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي.

هلندڙ سال مارچ ۾ حريم شاهه ٻڌايو هو ته هو سياست ۾ اچي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر بڻجڻ جو ارادو رکي ٿي.

نجي چينل سان ڳالهين دوران حريم شاهه چيو ته مون باضابطه طور تي برطانيه جي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي ۽ تازو ئي ٿيندڙ چونڊن ۾ لبرل ڊيمو ڪريٽس لاءِ مهم به شروع ڪري ڇڏي آهي.

حريم شاهه چيو ته مان برطانيه ۾ لبرل ڊيمو ڪريٽس لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. انهي لاءِ مان لبرل ڊيمو ڪريٽس جي ٿورائتي آهيان جنهن مون کي انهي قابل سمجهو ۽ پنهنجي پارٽي جو حصو بنايو، منهنجي ڪوشش هوندي ته مان لبرل ڊيموڪريٽس جي اميدن تي پورو لهان  ۽ هن ملڪ ۾ رهندي پنهنجو بهتر کان بهتر ڪردار ادا ڪري سگهان.

حريم شاهه چيو ته مان اصل ۾ پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان گڏوگڏ برطانوي پارليامينٽ ۾ ويهي انهن جي سياسي پارٽي لاءِ ڪجهه ڪرڻ منهنجي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن پارٽي ۾ منهنجا ڪجهه ٻيا دوست به ڪم ڪري رهيا آهي انهي کان علاوه هن پارٽي لاءِ ڪيترائي پاڪستاني به ڪم ڪري رهيا آهن.

ٽڪ ٽاڪر چيو ته مون کي تعليم جي حوالي سان برطانيه سٺو جنهن کان پوءِ مون کي هتي ميرٽ جي بنياد تي ايڊميشن به ملي وئي، هاڻ مان هتي ايل ايل بي لاءِ پنهنجي پڙهائي به جاري رکي آهي.

حريم شاهه ٻڌايو ته مان پاڪستان مان ماسٽرز ڪري چڪي آهيان ۽ حافظ قرآن به آهيان، هاڻ مان برطانيه مان ايل ايل بي ڪري رهي آهيان ۽ انهي لاءِ منهنجون سموريون فيسون برطانوي حڪومت ادا ڪندي آهي، انهي سان گڏ رهائش، جم جا خرچ ايستائين جو ڪاليج لاءِ ٽرانسپورٽ جو خرچ به برطانوي حڪومت ادا ڪندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں