69

شاديءَ کان اڳ ثناءَ خان کي مولانا طارق جميل وائس نوٽ ۾ ڇا چيو هو؟

ممبئي: اسلام خاطر بالي ووڊ جي رنگين دنيا ڇڏي روحانيت ڏانهن موٽ کائيندڙ اڳوڻي اداڪارا ثناءَ خان انڪشاف ڪيو آهي ته مفتي انس جو رشتو هن تائين مولانا طارق جميل جي وائس نوٽ ذريعي پهتو هو جيڪو ٻڌي هوءَ دنگ رهجي وئي هئي.

ثناءَ خان ويجهڙ ۾ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ سميت مفتي انس سان شادي ۽ ازدواجي لاڳاپن تي تفصيلي گفتگو ڪئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ثناءَ خان ٻڌايو ته شادي کان اڳ هن پنهنجي مڙس وٽان ئي يعني مفتي انس ذريعي مولانا طارق جميل جي وائس نوٽ مليو جنهن ۾ هن چيو هو ته اوهان شادي بابت سوچيو ۽ جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيندئو ته اسان به اوهان لاءِ رشتو ڳولي سگهون ٿا يا وري اوهان مفتي انس سان به شادي تي غور ڪري سگهو ٿا.

ثناءَ خان موجب، مفتي انس شادي لاءِ کيس سڌي ريت پاڻ انڪري نه چيو هو ته متان مان کيس غلط سمجهان پر جڏهن مولانا طارق جميل جو پيغام ٻڌو مفتي انس کي چيو ته اوهان چريا ٿي آهيو ؟ ڪٿي اوهان ڪٿي مان.

اڳوڻي اداڪارا چيو ته مفتي انس مون کان عمر ۾ 7 سال ننڍو آهي انڪري کيس ٻڌايو ته تون مون کان ننڍو آهين جنهن تي سندس چوڻ هو ته اِها سنت رسول صلعم آهي، اسان جي پياري نبي پاڪ صه به حضرت خديجا سان شادي ڪئي هئي جيڪا کانئن عمر ۾ 15 سال وڏي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں