54

بالي ووڊ جو اداڪار گووندا پنهنجي ئي ريوالور جي گولي لڳڻ سبب زخمي، اسپتال مان مداحن لاءِ پيغام جاري

ممبئي: بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گووندا گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار گوونڊا پنهنجي رهائشگاهه تي گولي لڳڻ وقت اڪيلو هو. گووندا پنهنجي ئي ريوالور مان حادثاتي طور تي گولي  هلڻ سبب زخمي ٿيو. اداڪار کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

اسپتال مان جاري ڪيل پيغام ۾ گووندا چيو ته پنهنجي مداحن جي دعائن ۽ نيڪ تمانئن جو ٿورائتو آهيان، چاهيندڙن ۽ والدين جي دعائن مون کي بچائي ورتو آهي، هن چيو ته مون کي گولي لڳي هئي پر هاڻ انهي کي ڪڍيو ويو آهي مان ڊاڪٽرن جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو.

گووندا کي گولي لڳڻ جو واقعو اڱاري جي صبح پوڻي 5 وڳي پيش آيو. گووندا جي مئنيجر ششي سنها صحافين کي ٻڌايو ته ڪوالڪته ۾ هڪ شو هو ۽ صبح 6 وڳي جي فلاٽ هئي مان ايئرپورٽ پهچي چڪو هئس، گووندا نڪري رهيو هو ته انهي کان غلطي سبب گولي هلي وئي جيڪا انهي جي ٽنگ ۾ لڳي.

ششي سنها موجب ريوالور الماري ۾ رکڻ دوران ڪري پيو جنهن دوران فائر ٿي ويو. گووندا کي صرف هڪ ٽنگ تي ڌڪ لڳو ۽ ان جو زخم خطرناڪ نه آهي، اسپتال ۾ هڪ ننڍي آپريشن کان پوءِ گووندا جي ٽنگ مان گولي ڪڍي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں