59

پي ٽي آءِ احتجاج دوران مظاهرين جي تشدد جو نشانو بڻيل پوليس اهلڪار فوت

اسلام آباد:گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران مظاهرين جي تشدد سبب زخمي ٿيل اسلام آباد پوليس جو اهلڪار حميد شاهه اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو آهي.

پوليس موجب حميد شاهه 26 نمبر چورنگي واري هنڌ تي مظاهرين جي تشدد سبب سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کان پوءِ کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

اسلام آباد پوليس موجب فوت ٿيل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ڪجهه دير کان پوءِ پوليس لائنز ۾ ادا ڪئي ويندي. پوليس موجب شهيد عبدالحميد شاهه اسلام آباد پوليس ۾ 1988 ۾ ڀرتي ٿيو هو ۽ هو ايبٽ آباد جو رهواسي هو. عبدالحميد شاهه کي 3 مهينن کان پوءِ پوليس سروس مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿيڻو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں