43

اڊيالا جيل ۾ عمران خان سميت سمورن قيدين سان 18 آڪٽوبر تائين هر قسم جي ملاقات تي پابندي

راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ عمران خان سميت سمورن قيدين سان هر قسم جي ملاقات لاءِ 18 آڪٽوبر تائين پابندي لڳائي وئي آهي.

ذريعن موجب اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيدين سان هر قسم جي ملاقات تي 18 آڪٽوبر تائين پابندي لڳائي وئي آهي جنهن جي تحت پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان سان پارٽي اڳواڻن، وڪيلن ۽ گهرڀاتين جي ملاقات تي به پابندي لاڳو هوندي.

جيل ۾ قيدين سان ملاقاتن تي پابندي سيڪيورٽي سببن جي ڪري لڳائي وئي آهي. انهي سلسلي ۾ جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سلسلي ۾ جاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي جا سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

قيدين سان ملاقاتن تي پابندي جو فيصلو پنجاب حڪومت طرفان ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جو اعلان عام قيدين تي به لاڳو هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں