راولپنڊي:سيڪيورٽي فورسز جو خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ 9 خوارج دهشتگرد مارجي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب 23 ۽ 24 آڪٽوبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز ضلعي باجوڙ ۾ خوارج جي موجودگي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن جي دوران فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي به نشانو بنايو.
آءِ ايس پي آر موجب سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 9 خوارج مارجي ويا، مارجي ويل خوارجين ۾ 2 آپگهاتي بمبار ۽ هڪ اهم خوارجي اڳواڻ سعيد المعروف قريشي استاد شامل آهي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي خوارج ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا. جن جو نشانو سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهري بڻجندا رهيا آهن.
علائقي ۾ موجود ٻين خوارجن جي خاتمي لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.