124

لنڊن ۾ قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي مٿان حملي جو ڪيس داخل، برطانوي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد: برطانوي راڄڌاني ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي واري ڪيس ۾ برطانوي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سفارتي ذريعن کان ملندڙ رپورٽن موجب مڊل ٽيمپل ان لنڊن جي ٻاهران 29 آڪٽوبر تي پاڪستان هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي حملو ڪرڻ جي  معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب برطانوي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ جي معاملي جي باضابطه جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. معاملي کي برطانيه جي اعليٰ ترين سفارتي اختيارين جي آڏو اٿارڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ جاچ برطانوي قانون جي تحت ڪئي ويندي. سفارتي گاڏي ۾ اڳوڻو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهر واري سوار هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں