70

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي کي جيل مان آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي وفاقي وزير اعظم سواتي کي اٽڪ جيل مان آزاد ٿيندي ئي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب اعظم سواتي کي اٽڪ جيل جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزير ۽ ٻين اڳواڻن جي خلاف ٽيڪسلا ۽ حسن ابدال ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.

ياد رهي ته اعظم سواتي کي گذريل مهيني احتجاج جي دوران اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهي کان پوءِ کيس اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري ۽ ضلعي عدالت 8 مختلف ڪيسن ۾ اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں