62

ڪالهه ڏنڊي جي زور تي قانونسازي ڪئي وئي، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪالهه ڏنڊي جي زور تي قانونسازي ڪئي وئي ۽ اپوزيشن ميمبرن کي ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو، اهڙن بلز کي قائمه ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آڻڻ گهرجي ها.

ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ  شاهه جي صدارت هيڍ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نڪته اعتراض تي خيالن جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ڪالهه ڏنڊو هلي رهيو هو ته  هي ايوان ڀريل هو ۽ اڄ ڏنڊو هٽيو آهي ته هي ايوان خالي پيل آهي. سروسز چيفس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ سان ڪيترن ئي آفيسرن جو ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي.

عمر ايوب چيو  ته 9 مئي، 9 مئي لڳائي رکيو آهي هي ڪالهه شاگردن کي وٺي جناح هائوس کي ڏيکاريندا رهيا، اسان به خيبرپختونخواهه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪي پي هائوس ۾ وفاقي فورسز جي ڪيل ڀڃ ڊاهه ڏيکارينداسين اسان پنهنجي نوجوانن کي ڏيکارينداسين ته هڪ صوبي تي ڪهڙي طرح حملو ڪيو ويو.

اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ڇا اسان جي فورسز هلاڪو خان جي فورسز بڻجي چڪي آهي؟ اڄ عوام کي مهانگائي جي ڳڻتي آهي پر هنن کي بلز تي بلز منظور ڪرائڻ جي لڳل آهي، هي حڪومت ناهي، رجيم ۽ مافيا آهي  هنن کي جيل ۾ ويٺل شخص جو ڊپ آهي.

عمر ايوب چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته جي ڊي پي 6 سيڪڙو هئي، اچو ڪيمرا کڻي مارڪيٽ هلون ٿا، عوام کان گڏجي هلي پڇي ٿا وٺون ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي، اوهان پاڻ سان گڏ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ کان پڇي وٺو ته مهانگهائي گهٽ ٿي آهي؟ هن ايوان مان سردار اختر مينگل استعيفيٰ ڏئي هليو ويو پر ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ نٿي چُري.

جنهن کان پوءِ ڊپٽي اپسيڪر پي ٽي آءِ کي ڇڏي حڪومتي اتحاد جوائن ڪندڙ ميمبر اورنگزيب ڪڇي کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو  جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن لوٽا لوٽا جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

اورنگزيب خان ڪڇي چيو ته مان الله جي نالن جي هيٺيان بيهي قسم کايان ٿو ته جيڪڏهن مون هڪ روپيو به ورتو هجي، پي ٽي آءِ وڏي پارٽي آهي، مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته  پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ کان مون بچايو آهي. اپوزيشن جي گوڙ ۾ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں