131

پاڪستان 22 سالن کان پوءِ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي

پرٿ:   پاڪستان 22 سالن کان پوءِ آسٽريليا کي سندس هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي آهي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ هڪ ڏينهن واري ميچز جي سيريز جو آخري ميچ کيڏيو جتي پاڪستاني بالرز بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي 31هين آوور جي آخري بال تي ميزبان ٽيم کي 140 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو.

پاڪستان 141 رنسن جو حدف 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. ڪپتان محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسن جي اهم اننگ کيڏي. اونپر عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي لانس مورس جي بال جو شڪار بڻيا. فاسٽ بالر حارث رئوف کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

ميزبان آسٽريليا جا بيٽسمين ٽيم کي سٺيون رنسون نه ڏئي سگهيا صرف 20  رنسن تي پهرين وڪيٽ وڃائي ويٺا. ڪينگروز طرفان شان ايبٽ 30 رنسن سان نمايان رهيو. اونپنر ميٿيو شارٽ22، آرون بارڊي 12، ايڊم زمپا 13 رنسون ٺاهي سگهيو.

ڪپتان جوش انگليس سميت ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو، جوش انگليس ۽ جيڪ فريز 7-7 رنسون ٺاهيو جڏهن ته ڪوپر ڪونولي 7 رنسن تي انجرڊ ٿي پيو. گلين ميڪسويل ۽ لانس مورس بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين موٽي ويا.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه3-3 حارث رئوف 2، جڏهن ته محمد حسنين هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ياد رهي ته سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي آسٽريليا جي خلاف ٻن وڪيٽن تان شڪست ملي هئي، جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ پاڪستان بالرز آسٽريلوي بيٽسمينن مٿان پنهنجو دٻدٻو ويهاري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں