32

پي ٽي آءِ باني جو جيل ۾ رهڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو جيل ۾ رهڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، حڪومتي جائزي موجب پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج جي ڪال جو ڪامياب ٿيڻ جو ڪوبه چانس نه آهي.

هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ٽنهي صوبن مان هنن کي ڪنهن به قسم جي مدد نه ملندي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ هنن جو معاملو حل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني واضح چئي چڪو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون نه ڪندس، اسان جي طرفان اهو موقف آهي ته سياسي ڳالهين سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ٿي سگهي ان جي آزادي ۾ جيتري دير ٿيندي اوترو ئي ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو ايندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں