لاهور: منصوبه بندي ۽ ترقيات بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي آزاد ٿيڻ جو هڪڙو ئي رستو قانوني ڪارروائي آهي، پي ٽي آءِ باني عدالتن ۾ وڃي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪري، جيڪڏهن عدالتون کيس آزاد ڪن ٿيون ته ان جي آزادي ممڪن ٿي ويندي، پهريان کيس ڪيسن مان ڪليئر ڪرائڻو پوندو، ڪيسن مان ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ ئي حڪومت ڪنهن انتظامي اختيار سان کيس آزاد ڪري سگهي ٿي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سياسي پارٽي ملڪ ۾ هر ڀيري رنڊڪون ۽ انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، ماڻهن جي جان مال جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، حڪومت ماضي ۾ هنن سان نرمي جو ورتاءُ ڪري چڪي آهي هنن حڪومت جي نرمي جو ناجائز فائدو کنيو.
احسن اقبال چيو ته عسڪري ٺڪاڻن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي ٿي، رستا بند ٿيڻ سبب عوام کي پهچندڙ تڪليف جو احساس آهي. ملڪ جي حفاظت لاءِ کنيل قدم بيڪار ٿي ويندا آهن، اميد آهي اڄوڪي ڏينهن ئي هنن جو ناٽڪ ختم ٿي ويندو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جي آزاد ٿيڻ جو هڪڙو ئي رستو عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي آهي، پي ٽي آءِ باني عدالتن ۾ وڃي پنهنجي بي گناهي ثآبت ڪري، کيس سمورن ڪيسز مان پاڻ کي ڪليئر ڪرائڻو پوندو. پي ٽي آءِ باني جا وڪيل پيش ٿيڻ جي بجاءِ بهانا ڪري رهيا آهن.
هن اهو به چيو ته بشريٰ بي بي به ضمانت وٺڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش نه پئي ٿي، (ن) ليگي قيادت پي ٽي آءِ باني جي انتقام جو نشانو بڻجي، اسان ڪڏهن به برطانيه وڃي انهن جا پير نه پڪڙيا، اسان ڪڏهن ڪنهن عالمي پليٽ فارم تي وڃي پاڪستان جي خلاف ناهي ڳالهايو. اسان گهر جي جنگ گهر ۾ ئي وڙهي. اسان پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ وڙهيا هئا. ڪي پي حڪومت جي دهشتگردن جي مٿان نظر نه آهي.
احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف توشه خانه ڪيس ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس جو جائزو وٺنداسين ته انهي ۾ تمام گهڻيون شاهديون موجود آهن جيڪڏهن اوهان انهن ڪيسز ۾ بي گناهه آهيو ته اوهان جو فرض آهي ته پنهنجي وڪيلن کي چئو ته انهن ڪيسز کي جلد کان جلد مڪمل ڪريو ته جيئن ڪيسز جو ڪوڙ سامهون اچي سگهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اهڙن ڪيسز جي ٽرائز جو جائزو وٺنداسين ته عمران خان ۽ انهي جي وڪيلن جي ٽيم لاڳيتو انهن ڪيسز جي ٽرائلز ۾ التوا جا هٿڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن. هنن پرڏيهي فنڊنگ ڪيس سالن تائين مختلف عدالتن ۾ لٽڪايو ڇو ته انهن کي خبر هئي ته ٽرائل ٿيندو ته اسان گناهگار ٿينداسين اهڙي طرح القادر ٽيسٽ ۽ توشه خانه ڪيس ۾ به انهن کي خبر آهي ته جڏهن ٽرائل مڪمل ٿيندو ته انهن ۾ به نه مٽائڻ جهڙيون شاهديون موجود آهن جنهن ۾ عمران خان کي سزا ملندي.