32

آخري ساهه تائين عمران خان جي آزادي لاءِ بيٺل آهيان: بشريٰ بي بي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ڪارڪنن کي چيو آهي ته مان آخري ساهه تائين عمران خان جي آزادي لاءِ بيٺل آهيان، پٺاڻ هڪ غيرتمند قوم آهي، مون کي اميد آهي ته اهي آخري وقت تائين ساٿ نه ڇڏيندا.

رپورٽ موجب برهان انٽرچينج تي بشريٰ بي بي جي ڪنٽينرز تي بيهي ڪارڪنن سان خطاب جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي. هن چيو ته منهنجا ٻارڙو ۽ ڀائرو جيستائين  عمران خان اسان وٽ نٿو اچي اسان کي هي احتجاج ختم ناهي ڪرڻو، مان پنهنجي آخري ساهه تائين  اتي ئي بيٺل رهندس اوهان ماڻهن کي اسان جو ساٿ ڏيڻو آهي جيڪڏهن ڪنهن به ساٿ نه ڏنو ته مان اڪيلي به بيٺل رهندس.

بشريٰ بي بي چيو ته اها صرف منهنجي گهر واري جي ڳالهه نه آهي پر اها هن ملڪ ۽ انهي جي اڳواڻ جي ڳالهه آهي هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پٺاڻ هڪ غيرتمند قوم آهي اها آخري وقت تائين ساٿ ڏيندي، اهو چئي بشريٰ بي بي الله اڪبر جو نعرو لڳائي خطاب ختم ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں