لاهور:پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن مٿان حملي جو سخت رد عمل ڏنو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو ڪهڙو احتجاج آهي هي احتجاج نه پر پي ٽي آءِ جي دهشتگردي آهي. ايس پي، ڊي ايس پي سميت 20 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جو حملن ۾ زخمي ٿيڻ افسوسناڪ آهي. مظاهرين وٽ شارٽ مشين گن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس، چاقو ۽ ماسڪ وغيره به ڏٺا ويا آهن.
مريم نواز چيو ته مظاهرين طرفان اهڙو هٿيار استعمال ڪيو ويو جيڪو صرف پوليس وٽ هوندو آهي، غازي برتوها، ميانوالي، هزاره، موٽر وي ۽ ٻين هنڌن تي پي آءِ جي دهشتگردن طرفان فائرنگ ڪئي وئي.
پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پنجاب پوليس کي اڳ به ٽڪراءُ کان بچڻ جي لاءِ بنا هٿيارن جي رکيو ويو هو، گذريل احتجاج ۾ به هڪ ڪانسٽيبل شهيد ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. اهو ڪهڙو احتجاج آهي جتي سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. احتجاج جي بجاءِ اها تحريڪ هٿياربند دهشتگردي جي ڪاوش آهي.