پشاور: ضلعي ڪُرم جي علائقي پارا چنار جو رستو نه کلڻ سبب کاڌي پيتي جي سامان سان ڀريل 25 گاڏيون 4 ڏينهن جي انتظار کان پوءِ ٽل مان واپس پنهنجن علائقن ڏانهن روانيون ٿي ويون آهن.
هنگو جي ضلعي انتظاميه موجب نان فوڊ ايٽم جا ٽرڪ موجود آهن پر بگن جي ڀرسان مندوري ۾ احتجاجي ڌرڻي ۽ روڊ بند هجڻ سبب ٽل مان قافلي جي روانگي ممڪن نه آهي انهي ڪري کاڌي پيتي جو سامان خراب ٿيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي گاڏيون واپس روانيون ٿي ويون آهن.
ياد رهي ته 4 جنوري تي لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ نامعلوم شرپسندن جي فائرنگ سبب ڊي سي ڪرم جاويد محسود سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جي واقعي کان پوءِ ڪرم جي لاءِ 3 مهينن کان پوءِ کاڌي پيتي جو سامان کڻي ويندڙ قافلو روڪيو ويو هو. انهي حوالي ڪمشنر ڪوهاٽ ۽ ڊي سي ڪرم جون ڌرڻي جي مظاهرين سان ڳالهيون جاري آهن.
ٻئي طرف مندوري ۾ ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين جو مطالبو آهي ته نومبر ۾ هنگامو ڪندڙن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو.