76

صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري کان قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميري عوام کي خطي ۾ امن جي لاءِ آزادانه طور تي پنهنجو مستقبل طئي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي اڳڀرائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پراڻن تڪرارن کي وڌڻ نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام هر سال يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائيندا آهن ته جيئن ڪشميري عوام کي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي ۽ جائز جدوجهد جي حمايت ڪري سگهجي.

وزيراعظم چيو ته حق خوداراديت عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪندي چيو آهي جنهن م ماڻهن کي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي قانوني حق تي زور ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته 78 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام کي اڃان تائين انهن جي حقن جو استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي سبب والاريل جون ڪشمير دنيا جي سڀني کان وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي ۽ ڪشميري خوف حراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.

ريڊيو پاڪستان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو ڏينهن عالمي برادري کي مظلوم ڪشميري عوام جي انهي ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته انهن کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن. صدر چيو ته گڏيل قومن کي 70 سال اڳ ڪشميرين سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي حق خود اراديت جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

هوڏانهن يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آزاد جمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي پهتو جتي سندس گارڊ آف  آنر سان پرجوش استقبال ڪيو ويو. پوليس جي چاق وچوبند دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. انهي موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا ترانا به وڄايا ويا. شهباز شريف آزاد جمون، ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب به ڪندو.

ٻئي پاسي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ هٿياربند فوج به والاريل ڪشمير جي عوام جي حق خود اراديت جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جمون، ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿي. اهي ڀڃڪڙيون ڀارت طرفان عالمي قانون، انساني اصولن ۽ بنيادي انساني حقن جون کليل ڀڃڪڙيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں