اسلام آباد:عورتن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب جي ٻاھران فرزانا باري جي سربراهي ۾ ميرا ميري نعري ھيٺ ملڪ جي مختلف شھرن کان عورتن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي عورت مارچ ۾ شامل عورتن پاران علامتي جنازا ڪڍيا ويا ۽ مارچ ۾ شريڪ عورتن پاران پلي ڪارڊز ۽ بينرر پڻ ڏيکاريا ويا جنھن تي ميرا جسم ميري مرضي، ڪارو ڪري ڪنھن کي مارڻ ظلم آھي، عورت جي ڦاٽل ڪپڙن ۾ معاشرو ان جي غربت نه بلڪه ان جو جسم ڏسندو آھي، ھڪ رياست ٻه قانون نامنظور، ننڍپڻ ۾ زبردستي شادي نامنظور، ويم دوران ھزار مان ھڪ سو چھاسي عورت جي مرڻ جو ذميوار ڪير؟ ۽ جديد انفرادي خاندان عورت جي غلامي تي مبني آھي جا نعرا لکيل ھئا. عورت مارچ ۾ عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ عورتون , نظير قريشي , هدا ڀرڳڙي , , گلشن لغاري , فوزيا محسن , شهزادي جروار , ناهيد وساڻ , ندا پارس دايو ۽ ٻين عورتن به شرڪت ڪئي.
ان موقعي مارچ جي اڳواڻ چيو ميرا جسم ميري جي نعري جو بنيادي مقصد عورت جي زندگيءَ ۽ صحت بابت آھي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون ٻار کي جنم ڏيڻ وقت فوت ٿي وڃن ٿيون ان ڪري اسان پنهنجي جسم جي حق جي ڳالهه ڪئي آھي ۽ ان جي بنيادي صحت جي سھولت جو نعرو ڏنوسين ٻئي طرف ان موقعي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا ھئا احتجاج واري خاردار تارن سان بند ڪيو ويو سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ ھيو ته اسلام آباد جي امن امان کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن.