تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ڪنهن به دٻاءُ ۽ ڌمڪي جي نتيجي ۾ آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪنداسين.
عرب ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي لکيل خط ۽ ڳالهين جي دعوت بابت خبرن تي رد عمل ڏيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ڪنهن به دٻاءُ ۽ ڌمڪي جي نتيجي ۾ ڳالهيون نه ڪنداسين پوءِ چاهي موضوع ڪهڙو به هجي.
رپورٽ موجب آچر جي ڏينهن گڏ0يل قومن ۾ ايراني مشن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين لاءِ تيار ٿي سگهي ٿو.
ايراني پرڏيهي وزير دٻاءُ جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي امڪان کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر طرفان ڳالهين بابت خط کان پوءِ ايراني سپريم ليڊر به گذريل ڏينهن رد عمل ڏيندي چيو هو ته بدمعاشي ڪندڙ ڪجهه ملڪ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ ڳالهين تي زور ڏيندا آهن.
آيت الله خامنائي چيو ته ايران اهڙن ملڪن جا مطالبا هرگز نه مڃيندو ۽ پنهنجي ميزائل پروگرام جي خاتمي جي مطالبن کي به هرگز تسليم نه ڪندو.