اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ اڄ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾خطي جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات جي دوران وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي مضبوط ۽ ثابت قدم حمايت تي چين جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪيو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي وچ ۾ تازو ٽيليفون تي ڳالهين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم 22 اپريل 2025ع کان هندوستان جي قدمن جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کي سمجهڻ تي چين جو ٿورو ادا ڪيو.
وزيراعظم انهي واقعي جي قابل ڀروسي ۽ شفاف عالمي جاچ جي لاءِ پنهنجي مخلصانه آڇ جي توثيق تي چين جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جي طور تي پاڪستان 90.000 هزار کان وڌيڪ حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، جڏهن ته ملڪ سان گڏوگڏ ٻئي دنيا کي هڪ محفوظ هنڌ بنائڻ جي ڪوشش ۾ 152 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو.
هن چيو ته هندستان جي جارحانه قدمن سان پاڪستان جو ڌيان انهي جي آءِ ايس پي ڪي، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل ايل جي خلاف جاري دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن تان هٽائي سگهجن ٿا جيڪي افغانستان جي اندر ڪم ڪري رهيا هئا. وزيراعظم چيو ته ڀارت طرفان پاڻي جي جارحيت کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جو فيصلو انتهائي افسوسناڪ آهي. خاص طور تي سنڌ طاس معاهدي جي تحت ڪنهن به ڌر کي هڪطرفي طور تي معاهدي کان هٽڻ جو حق نه آهي. وزيراعظم انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ته جمون، ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بنائڻ جو واحد رستو آهي.
چيني سفير پاڪستان جي نڪته نظر ۽ حقيقتن تي تفصيلي طور تي روشني وجهڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان ۽ چين جي گڏيل خواهشن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هميشه پاڪستان جي حمايت ڪندو.