حيدرآباد:سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اولھ جي برسات وارو سسٽم داخل ٿي ويو، برسات جي ان سسٽم مان وسڪارا 12 مئي تائين جاري رھڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ کان 12 مئي تائين ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ڊويزن، ميرپورخاص ڊويزن، شھيد بينظيرآباد ۽ نوابشاهه ڊويزن سميت ٿرپارڪر ۽ جبل وارن علائقن ۾ گجگوڙ ۽ تيز مٽي وارين ھوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.