90

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ: صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق هڪ جي تحت مليل اختيارن کي آڏو رکندي طلب ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو ۽ قومي اسيمبلي ۾ موجود عوامي نمائندا، حڪومت کي لائحه عمل ٺاهڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں