ڪراچي:ڀارت طرفان آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان ۾ ٿيل بزدلاڻي حملي کان پوءِ لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ سميت ٻين جڳهين کان ايندڙ اڏامن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرايو پيو وڃي.
ذريعن موجب ڀارتي ميزائل حملن کان پوءِ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ موجود اڏامن جو رخ تبديل ڪيو ويو آهي، ڀارتي حملي کان پوءِ ڪراچي جون فضائي حدون ڪمرشل اڏامن لاءِ کليل آهن.
جده کان اسلام آباد ويندڙ سعودي ايئرلائن جي اڏام جدوه کان لاهور ويندڙ سعودي عرب جي اڏام ۽ ابوظهبي کان نئين دهلي ويندڙ اتحاد ايئرويز جي اڏام(جيڪا پاڪستاني فضائي حدن ۾ هئي) انهي جو رخ به ڪراچي طرف موڙيو ويو.
سيالڪورٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ترجمان موجب موجوده ملڪي سلامتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت جي حڪمن موجب سيالڪوٽ، انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي ايندڙ ٻئي نوٽيس تائين سمورين فلائٽ آپريشن جي لاءِ عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.
سي اي اي جي ذريعن موجب پاڪستان جي ايئرپورٽس تي فضائي آپريشن معطل ڪيو ويو آهي، ٻئي حڪم اچڻ تائين لاهور ۽ اسلام آباد سميت ٻين ايئرپورٽس تي فضائي آپريشن معطل آهي.
ٻئي طرف قومي ايئرلائن جون اڄوڪيون سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. نجي فضائي ڪمپنين به اڄ ڪراچي کان آپريٽ ٿيل سموريون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.