اسلام آباد: پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ فضائي آپريشن معمول تي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ اختيارين موجب سمورن وڏن هوائي اڏن خاص طور تي لاهور، سيالڪوٽ، ڪراچي، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ فلائٽ آپريشن معمول موجب جاري آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي ايئر لائنز شيڊول موجب اڏامن جي روانگي ۽ آمد جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته عرب امارات جي ايئرلائنز به پاڪستان جي لاءِ پنهنجون اڏامون بحال ڪري ڇڏيون آهن. سعودي ايئر لائين طرفان پاڪستان جي لاءِ فضائي آپريشن سڀاڻي کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
ايئرپورٽ اختيارين موجب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب فلائٽ آپريشن جي عارضي معطلي سبب ڪجهه اڏامن جو شيڊول متاثر ٿيو پر هاڻ نظام تيزي سان بحال ٿي رهيو آهي.
اختيارين مسافرن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي ايئرپورٽ روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل ايئرلائين جي هيلپ لائن تان اڏام جي وقت جي تصديق ضرور ڪري وٺن ته جيئن ڪنهن به امڪاني پريشاني کان بچي سگهجي.