ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 12 مئي سانحو جمهوريت جي لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 12 مئي سانحي 2007 جي ورسي جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي روڊن تي وهايل رت رائيگان نه ويو پر اهو اڄ ظلم جي خلاف مزاحمت جي نه مٽجندڙ نشاني بڻجي چڪو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 12 مئي سانحو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن انساني حياتيون ضايع ڪيون ويون، جمهوري قدمن کي ڏينهن ڏٺي جو چيڀاٽيو ويو اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي جمهوريت عظيم قربانين کان پوءِ ملي آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي عوام، وڪيل، سياسي ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي آئين ۽ عدليه جي آزادي لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون ڪيترن ئي بي گناهه شهرين کي شهيد جڏهن ته ڪيترن کي ئي زخمي ڪيو ويو صرف انهي جي لاءِ ته هو جمهويت، آئين ۽ عدليه سان گڏ بيٺل هئا.
پ پ چيئرمين واضح ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي اڳيان وڌڻو آهي ته اسان کي اهڙن المناڪ سانحن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻو پوندو. پيپلز پارٽي شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهي ۽ انهي جدوجهد جو حصو رهندي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان 12 مئي سانحي جي شهيدن کي ناهي وساريو، نه ئي قوم وساريو آهي، اسان جون ايندڙ نسلون به هن ڏينهن جي ڏوهارين جي هميشه مذمت ڪنديون رهنديون. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه آمريت ۽ تشدد کي منهن ڏنو آهي ۽ قربانين جي ڊگهي تاريخ انهي جي گواهه آهي، اڄوڪو ڏينهن انهي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.
ياد رهي ته 12 مئي 2007 تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي پهچڻ تي فائرنگ جا واقعا پيش آيا هئا، فائرنگ ۾ مارجي ويل 50 کان وڌيڪ شهرين جا گهر ڀاتي اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن.