76

بلاول ڀٽو جي هدايت تي اجرڪ ڊيزائن واري نمبر پليٽس جي تاريخ ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ

ڪراچي : سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي شهرين کي اجرڪ جي ڊيزائن واريون نمبر پليٽون حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اهو فيصلو بلاول هائوس ۾ پ پ چيئرمين ۽ سنڌ جي ايڪسائيز واري وزير، ٽيڪنيشن اينڊ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول، مڪيش ڪمار چاوله جي هڪ اعليٰ سطحي بريفنگ جي دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ منشيات جي ضبطگي، قانونسازي جي ڪارڪردگي ۽ ٻين گورننس معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

بلاول هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي سهوليت کي آڏو رکندي سيڪيورٽي فيچر واريون نمبر پليٽون لڳائڻ جي آخري تاريخ  ۾ واڌ ڪئي ويندي. انهي هدايت تي عمل ڪندي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولو انهي ڊيڊ لائن کي 14 آگسٽ مان وڌائي 31 آڪٽوبر ڪري ڇڏيو. ملاقات کان پوءِ ايڪسائيز کاتي اينڊ ٽيڪنيشن انهي واڌ جو باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں